قيصر خان چانڊيو

قيصر خان چانڊيو

قيصر خان چانڊيو

قيصر خان چانڊيو : مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ قيصر خان ولد جان محمد چانڊيو، 1933ع ڌاري ڳوٺ شادي خان چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ والد سان گڏ زمينداري ڪرڻ ۽ سياست ۾ به حصو وٺڻ لڳو. ابتدا ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو. هن ’چانڊيا وليجز اينڊ ڪوآپريٽوِ‘ نالي سان هڪ ننڍي سطح جي نِجِي بئنڪ قائم ڪئي. جيڪا وڏي عرصي تائين ڪم ڪندي رهي. هن وليج ايجوڪيشن بورڊ تعلقي سڪرنڊ جي چيئرمئن جي حيثيت سان تعلقي ۾ ڪيـترائـي اسـڪـول قـائم ڪرايا. سندس ڪوششن سان علائقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ويجهن ساٿين مان هو. 1983ع واري ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران سڪرنڊ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. جنهن دوران گرفتار ٿي پهرين نوابشاهه جيل، پوءِ سينٽرل جيل سکر ۾ قيد ٿيو. جنهن دوران مٿس ڪافي تشدد به ڪيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر هو. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ سان گڏ 1986ع ۾ پيپلز پارٽيءَ تان استعيفا ڏئي نيشنل پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. قيصر خان چانڊئي جا انصاف وارا فيصلا مشهور هئا. هن نامور سماجي اڳواڻ ۽ سياستدان، 21 آڪٽوبر 2006ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو